اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون- ڪتاب

اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون- ڪتاب

اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون

اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب نامور محقق ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي لکيل تحقيقي ۽ تنقيدي مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۽ گرامر بابت آهن. ڪتاب ۾ شامل مقالن ۽ مضمونن ۾: هر هڪ لفظ هيري کاڻ، ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي ۽ استدلال جو اهو طريقو غلط آهي، وغيره شامل آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو اپريل 2000ع ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ٽين ورسيءَ جي موقعي تي، ”سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي“ پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو. ڊيمي سائيز جي 212 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 90 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو